اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي ??لاف سخت ڪارروائي ٿيندي، 1985ع کانپوءِ ۽ آصف زرداري جو اقتدار ڏسي وٺو ۽ عمران خان جي ??يبرپختونخواهه ۽ هاڻي وفاقي حڪومت کانپوءِ جا وسيلا ڏسي وٺو، شريفن وٽ ٻاهر ملڪيتن جي لاءِ پئسا اچي وڃن ٿا، کير، مرغين، کنڊ جو ڪاروبار شروع ٿئي ٿو، انهن سمورن چورن جي ??خري آرامگاهه ??يوان اقتدار نه پر جيل آهي، عدم اعتماد اسان جي لاءِ ڪو چئلينج نه آهي، مونس الاهي جي ??يان کانپوءِ اڃا وڌيڪ گهٻراهٽ ڇانئجي وئي آهي، اسان جي ميمبرن جي فڪر نه ڪريو، پنهنجي 25، 30 ميمبرن جي فڪر ڪريو جيڪي هر اهم موقعي تي غائب ٿي وڃن ٿا. سي اي سي اجلاس کانپوءِ سينيٽ جي ??طلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد ۽ پارلياماني سيڪريٽري ڪنول شوزب سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڊي آءِ خان ۾ جي يو آءِ کي علي امين گنڊاپور شڪست ڏني آهي، اتان جي ??وام هڪ ڀيرو ٻيهر فضل الر??ما?? تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. بلدياتي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ پهريون ڀيرو بااختيار بلدياتي نظام ڏنو ويو آهي، ماضي ۾ ناظمن جي لاءِ ٻوليون لڳنديون هيون. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي خيبرپختونخواهه مان ختم ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ کي ڪرڪ مان ٽي ۽ بنون مان هڪ سيٽ ملي آهي. هن چيو ته هڪ طبقو بار بار هٿ ٺوڪيون خبرون پکيڙي رهيو آهي، شهباز شريف جي چهري تي مايوسي سڀني ڏٺي آهي، 18 فيبروري تي شهباز شريف تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ وڃي رهيو آهي، سليمان شريف کي ڪهڙي بيماري آهي اهو ڇو نه اچي رهيو آهي، مقصود چپڙاسي جهڙن ملازمن جي ??ڪائونٽس ۾ 4 ارب رپيا آيا آهن. هن چيو ته مخا??ف ڌر ته مخا??ف ڌر کي ڪيرائڻ ۾ لڳل آهي، انهن جي ويڙهه ٻي ۽ ٽئين اپوزيشن جي ??هي، هڪ طرف زرداري جا پير پڪڙيل آهن، ٻئي طرف 22 سالن کانپوءِ چوڌري ڀائرن جي ??يادت جي ياد اچي وئي آهي. هن چيو ته عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن صوابديدي فنڊز ختم ڪيا، ٻاهرئين سفر تي ڪفايت شعاري ڪئي آهي، عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ ملڪيتون نه ٺاهيون ۽ نه ئي ڪي فيڪٽريون هنيون آهن.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي واضح پيغام ڏنو آهي ته جنهن جنهن به ملڪ کي ڦريو آهي ان جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais