اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فلسطيني عوام جي حقن ۽ انهن جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مستقل حمايت جي عزم کي ??رجايو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان فلسطيني صدر سان فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم مسجد ??قصيٰ ۾ بيگناهه نمازين تي حملن ۽ غزه ۾ اسرائيل پاران فضائي حملن جي سخت مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻارن سميت ڪيترائي شهري مارجي ويا. وزيراعظم فلسطيني صد?? کي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي اهڙي طرح جي خلاف ورزين جي خلاف عالمي برادري کي ??تحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن جو يقين ڏياريو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری