اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، دوري دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مع??ملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن مع??هدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت