اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئم??ني تي وسيلن جي غير قانوني ??نتقلي ترقي، غربت، اڻ برابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي، رقم جي غير قانوني ??نتقلي تي ضابطو آڻڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن ک?? مضبوط بڻائڻو پوندو، ملڪ جي اندر ۽ ٻاهرين ملڪ مالياتي ڏي وٺ کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، گڏيل قومن ک?? ٽيڪس سڌارن ۽ مني ??انڊرنگ بابت نوان قدم کڻڻا پوندا، رقم جي غير قانوني ??نتقلي جي حوالي سان محفوظ تصور ڪيل ملڪن ک?? چوري ٿيل غير ملڪي اثاثن جي فوري ۽ غير مشروط واپسي جو وچن ڪرڻو پوندو، عالمي مالياتي نظم ۽ نسق کي بهتر بڻائڻ گهرجي، ٽيڪس جي معاملن، بدعنو??ني ۽ غير قانوني ??الي مدد کي منهن ڏيندڙ عالمي ادارن ک?? اسرندڙ ملڪن جي خلاف دٻاءُ ۽ ڏاڍ لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن 2030ع جي ترقياتي ايجنڊا حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چ??و ته مالي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي. وزيراعظم چ??و ته اڍائي سال پهرين جڏهن هن اقتدار سنڀال??و ته ملڪ جو خزانو خالي هو ۽ وڏا واپاري ۽ مالياتي خسارا درپيش هئا پر ان کان به وڌيڪ اسان جي ملڪ مان غير قانوني طور تي رقم جي منتقلي ٿي، عبوري رپورٽ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سياسي ۽ سرڪاري بدعنوانين سان گڏوگڏ ڏوهن ۽ ٽيڪس چوري جي ڪري کربين ڊالر هر سال اسرندڙ ملڪن کان ٻاهر منتقل ٿيندا آهن، 7 ٽريلين ڊالر جي چوري ٿيل اثاثا مالياتي لحاظ کان محفوظ ملڪن ۾ پيل آهن. هن چ??و ته اسرندڙ ملڪن مان وڏي پئم??ني تي وسيلن جي منتقلي، انهن جي ترقي، غربت، اڻبرابري ۽ سياسي عدم استحڪام جو وڏو سبب آهي، گذريل سال سيپٽمبر ۾ عبوري رپورٽ تي غور دوران هن ڪيترائي عالمي پاليسي قدم تجويز ڪيا هئا جنهن ۾ چوري ٿيل اثاثن جي فوري واپسي، بدعنواني، ڏوهن ۽ ٽيڪس چوري ۾ مدد ڪندڙ مالياتي ادارن، وڪيلن، اڪائونٽنٽ ۽ ٻين ماڻهن لاءِ سزائون، ڪمپنين جي بينيفيشل اونرشپ کي سامهون آڻڻ، عالمي سطح تي گهٽ کان گهٽ ڪارپوريٽ ٽيڪس، منصفاڻو ڊجيٽل ٽيڪس لڳائڻ، غير مساوي سيڙپڪاري معاهدن جو جائزو وٺڻ ۽ نظرث??ني ۽ غير قانوني طور تي مالي وسيلن جي منتقلي جي نگر??ني لاءِ گڏيل قومن تحت هڪ جامع طريقيڪار جو قيام شامل آهي.
وزيراعظم پاران عالمي مالياتي احتساب، شفافيت ۽ سالميت بابت اعليٰ سطحي پينل جي حتمي رپورٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي ورچوئل خطاب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ