اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي باوجود موجوده حڪومت اڍائي سال ۾ 20 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس ڪيا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي، 6 هزار ارب روپيا قرضن جون قسطون ادا ڪري چڪا آهيون، ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن ٿي چڪي آهي، بئنڪون عام ماڻهن کي گهرن جي تعمير لاءِ قرض ??را??م ڪن، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين کي ر??شن ڊجيٽل اڪائونٽ بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ مشهوري مهم هلايو، نيون ٽيڪسٽائيل ملون لڳي ر??يون آهن، صنعتي شهرن ۾ ورڪرز نه ملي ر??يا آهن، اها تمام وڏي تبديلي آهي، 20 ارب ڊالر جو تاريخي خسارو ورثي ۾ مليو، روپئي جو قدر گهٽجڻ سان هر شيءَ مهانگي ٿي وئي. هو روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي موڪليل مٽاسٽا جو ناڻي 500 ملين ڊالر کان وڌڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري ر??يو هو. ناڻي وارو صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت وفاقي وزير، صلاحڪار، خاص مددگار ۽ بئنڪن جا سربراهه به ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو تقريب ۾ شريڪ ڪرڪيٽرن ۽ بئنڪرن کي خوش آمديد چوي ٿو ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي ذريعي مٽاسٽا جو ناڻو 500 ملين ڊالر کان وڌي ويو آهي، اها وڏي ڪاميابي آهي، ڇاڪاڻ جو اسان ڪيتري ئي عرصي کان ڪوشش ڪري ر??يا هئاسين ته سمنڊ پار پاڪستانين مان فائدو کنيو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئون 20 سالن کان چئي ر??يو هئس ته سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جي لاءِ تمام و??و اثاثو آهن، منهنجو انهن سان ڪرڪيٽ ۽ شوڪت خانم منصوبي جي ڪري سدائين رابطو آهي ۽ اهي اسان جي تمام وڏي قوت آهن.
ڪورونا جي وبا باوجود اڍائي سال ۾ 20 ارب ڊالر جا ٻاهريان قرض واپس، 6 هزار ارب روپيا قرضن جون قسطون ادا ڪري چڪا آهيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک