لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊس??ري??يوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احس??س ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احس??س ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احس??س ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊس??ري??يوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم جو لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز