اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??واڻ چيو آهي ته مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن جي دعائن سان اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشمير مان ظلم ختم ٿيندو، ڏاڍ ۽ طاقت جي ڀارتي حربا مليا ميٽ ٿيندا ۽ ڪشمير آزاد ٿيندو، ڪشميري عوام خاص طور تي عورتون پنهنجي عزم، صبر ۽ رت سان ڪشمير جو داستان لکي رهيون آهن، اطلاعات وار?? وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل عورتون اڄ پس منظر جي ڪردار مان نڪري رستن تي اچي ڪشميري عورتن کي پنهنجي حمايت جي خاطري ڪرائڻ لاءِ گڏ آهن جنهن جي چهرن تي ڪشمير سان رشتي جي جهلڪ نظر اچي رهي آه?? ۽ ??لم آخري هڏڪيون وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان به پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو آواز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارتي والاريل ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل عورت ڪارڪنن ۽ آفيسرن جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪ??و.
سڀني جي دعائن سان ڪشمير مان ظلم جلد ختم ٿيندو: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena