اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرتارپور سک برادري جي لاءِ مقدس جڳهه آهي، سک برادري جي مذهبي ??ذبن جو اسان سچي دل سان احترام ڪريون ٿا، پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ اقليتن جي حقن جي لاءِ وزيراعظم عمران خان پرعزم آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي خصوصي معاون چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۽ ڀارت مان ايندڙ سک ياترين جي لاءِ ڪرتارپور لنگهه منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن اهي پنهنجون مذهبي ??سمون پوري آزادي ۽ سهولت سان ادا ڪري سگهن.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر