لاهور – 11 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته 11 ۽ 12 ربيع الاول تي وفاقي گادي واري شهر ۾ سيرت النبي صه ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ امام ڪعبه، گڏيل عرب امارات جي مفتي اعظم، مير واعظ عمر فاروق، الازهر يونيورسٽي جي مفتين سميت آمريڪا ۽ برطانيا سميت سڄي دنيا جا مفتي ۽ ديني عالم شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪندا. ڪانفرنس جو افتتاح وزيراعظم عمران خان ڪندو. ڪانفرنس جي پڄاڻي واري تق??يب جو خصوصي مهمان صدر هوندو. وزير ??وڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان ملڪ جو طاقتور طبقو احتساب جي چنبي ۾ نٿو اچڻ چاه??، هن ڀيري رياست جو بيانيو تبديل ٿيو آهي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني سميت فڪري سوچ پاڪ??تا?? دشمن قوتن جي خلاف بيٺل هجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هو ڪالهه آچر ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال