اسلام آباد – 16 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جڏهن ملڪ ۾ سي پيڪ ٺهي رهيو هو، ??هشتگردي ختم ٿي رهي هئي، ميٽرو ۽ رستن جو ڄار وڇي رهيو هو، چ??نڊ سڌارا، يوٿ پروگرام، تعليمي سڌارا ۽ هيلٿ پروگرام ٺهي رهيا هئي ته ٻئي طرف ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا، اڳ ۾ ملڪ جي ترقي خلاف ڪنٽينر ٺهيو هو ۽ هاڻي ٽي سياسي ڪزنز گڏجي ملڪ جي آئين جي خلاف ڪنٽينر ٺاهي رهيا آهن. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالها??ين??ي مملڪتي وزير چيو ته مخالف مسلم ليگ (ن) جي مقبوليت کان ڊنل آهن، ٽنهي سياسي ڪزنز کي خبر پئجي چڪي آهي ته انهن جي پنهنجي تڪن ۾ به پاڪستان جي عوام هاڻي انهن کي ووٽ نه ڏيندي، چڪوال جي ضمني چونڊن جا نتيجا سڀني جي سامهون آهن، قوم انهن ماڻهن جي ايجنڊا کان آگاهه آهي جيڪي ملڪ ۾ افراتفري ۽ انتشار پکيڙڻ چاهين ٿا، ملڪ جي خدمت ڪندڙ، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ جهڙن چئلينجن تي ضابطو آڻيندڙ، سي پيڪ انفراسٽرڪچر، تعليم ۽ صحت جي لاءِ ڪم ڪندڙ حڪومت وڌيڪ بهتر آهي يا اهي ماڻهو جيڪي ڪنٽينر ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿا انهي لاءِ ٽئي سياسي ڪزنز هن حڪومت جي خلاف ڪنهن غيرآئيني طرز جي آخري ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا پاڪستان جي عو??م جي ووٽ سان ٺهي آهي ۽ جيڪا پاڪستان جي عو??م جي اي ٽيم آهي. مسلم ليگ (ن) پنهنجي منشور ۾ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ڊيليور ڪري ڏيکاريا آهن، اسان جيڪي منصوبا شروع ڪيا هئا اڄ انهن کي مڪمل ڪري رهيا آهن.
جڏهن ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي ته ٻه سياسي ڪزنز ڪنٽينر ٺاهي رهيا هئا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا