ڊيووس – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سان بل ۽ ملنڊا گ??ٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين بل گ??ٽس عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي ڊيووس ۾ ملاقات ڪئي. نيشنل ه??لٿ سروسز ريگيوليش?? اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ، اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظ?? جو خصوصي معاون علي جهانگير صديقي ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم بل ۽ ملنڊا گ??ٽس فائونڊيشن پاران پاڪستان ۾ خاص طور تي پوليو جي خاتمي جي پروگرام جي لاءِ مدد کي ساراهيندي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ حصيداري جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania