اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) 6 ملڪي اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل روس جي اسٽيٽ ڊوما آف فيڊرل اسيمبلي آف ريشين فيڊريشن جي چيئرمين ولادون وياچسل??ف پارلياماني وفد سان گڏ ??ومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي مسئلن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيئرمين اسٽيٽ ڊوما جا اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ شرڪت تي ??ور?? مڃيا. هن چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو ۽ موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ چاهي ٿو.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم