اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حقوق الله ۽ حقوق العباد ادا ڪرڻ سان ئي معاشري کي جنت بڻائي سگهجي ٿو، رمضان المبارڪ ۾ ڪيل عبادت ذاتي زندگي ۾ به انسان جو تذڪيو ڪري ٿي ۽ اجتماعي زندگي ۾ به، اهي ٻئي مقصد ??ظر ۾ رکي ملڪ کي حقيقي خوشين ۽ امن ۽ سک جو گهوارو بڻائي سگهجي ٿو. هن اها ڳالهه رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ ت?? قوم ??ي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي. صد?? رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي شروع ٿيڻ ت?? پوري مسلمان امت ۽ پاڪستاني ق??م کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته الله رب العزت اسان کي هڪ ڀيرو ٻيه?? رمضان المبارڪ جي برڪتن سان فيض ياب ٿيڻ جو موقعو ڏنو آهي جنهن تي اسان الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ شڪراني جو سجدو ڪريون ٿا.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان