دمشق-13 ڊسمبر (اي پي پي)شام جي عارضي حڪومت ??يو آهي ته صدر بشارالاسد جي برطرفي بعد ملڪ جو آئين ۽ پارليامينٽ ٽن مهينن لاءِ معطل رهندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق اها ڳالهه شام جي عارضي حڪومت جي ترجمان عبيده ارناط هڪ انٽرويو ۾ چئي. هن ??يو ته هڪ عدالتي ۽ انساني حقن جي ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جيڪا آئين جو جائزو وٺي ترميم پيش ڪندي، موجوده آئين 2012ع جو آهي ۽ ان ۾ اسلام کي رياستي مذهب جي طور مقرر ناهي ڪيو ويو. ترجمان ٻڌايو ته اهو عارضي دور ٽن مهينن تائين جاري رهندو، ادارن جو تحفظ اسان جي پهرين ترجيع آهي، عوام خلاف ڏوهه ??ندڙن جو قانون مطابق فيصلو ڪيو ويندو. مذهبي ۽ شخصي آزادين بابت سوال تي هن ??يو ته اسان شام ۾ مذهب ۽ روايتن جو احترام ڪيون ٿا، ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج