ماسڪو -13 مارچ (??ي پي پي) روس جي ??در ولاديمير پيوٽن چيو آهي، ته جيڪڏهن پولينڊ پنهنجا فوجي يوڪرين موڪليا ته زنده واپس نه وڃي سگهندا.پرڏيهي خابرو اداري موجب هڪ انٽرويو دوران روس جي ??در چيو ته پولينڊ پاران پنهنجي فوجين کي يوڪرين موڪلڻ جو مقصد بيلا روس جي ??رحد تي مقرري ٻڌايو ويو آهي. روس جي ??در چيو ته پولينڊ جي فوجين کي يوڪرين جي ??يئر ملٽري يونٽس جي ??اءِ تي مقرر ڪري انهن يونٽس کي روسي فوج سان جنگ لاءِ موڪليو ويندو ته اهي واپس زنده نه وڃي سگهندا. روسي صدر جو خيال آهي ته پولينڊ جا عملدار يوڪرين جي ??نهن علائقن کي واپس وٺڻ جا خواهشمند ٿي سگهن ٿا جن کي روس جي ??ڳواڻ جوزف اسٽالن يوڪرين ۾ شامل ڪرايو هو. جڏهن ته اهي ايئن نه ڪري سگهندا. واضح رهي ته پولينڊ جي پرڏيهي وزير گذريل هفتي دعويٰ ڪئي هئي ته روس سان جنگ وچ ۾ نيٽو فوجين جي يوڪرين ۾ مقرري تصور جوڳي ناهي.
پولينڊ پنهنجا فوجي يوڪرين موڪليا ته زنده واپس نه وڃي سگهندا: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil