گڏيل قومون-11 ڊسمبر (اي پي پي) غزه ۾ شهري آبادي جي سنگين صورتحال تي گڏ??ل قومن ج?? جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ اڱاري تي منجهند جو ٿيندو. جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسيمبلي ۾ اجلاس اڱاري تي نيويارڪ جي وقت مطابق منهجند 03 وڳي ٿيندو. ميمبر ملڪن ڏانهن لکيل خط ۾ صدر ڊينس فرانسس چيو آهي ته هي اجلاس مصر، موريطانيا، عرب گروپ جي سربراهن ۽ اسلامي سه??ار تنظيم جي گذارش تي سڏايو ويو آهي.هن چيو ته اجلاس جي درخواست ۾ مصر ۽ موريطانيا غزه پٽي ۾ فلسطيني شهري آبادي جي سنگين صورتحال جو حوالو ڏنو آهي. الجزيره جي رپور?? مطابق ان کان اڳ گڏ??ل قومن لاءِ مصر جي مشن ٺهراءَ جي مسودي جو متن ميمبر ملڪن جي نمائندن ۾ ورهايو ويو آه?? جنهن ۾ فوري طور تي انساني بنيادن ت?? جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏ??ل قومن لاءِ مصر جي نمائندي اسامه عبدالخالق ايلس تي جاري پوسٽ ۾ چيو آهي ته اها خونريزي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. جنرل اسيمبلي جي ٺهراءَ جي مسودي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءِ جهڙي ئي ٻولي استعمال ڪئي وئي آه?? جن??ن کي آمريڪا جمعي تي ويٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ ان تي اڄ اڱاري تي ووٽنگ جو امڪان آهي. 193 ميمبرن ج?? جنرل اسيمبلي 27 آڪٽوبر تي به انساني همدردي جي بنياد تي فوري ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪيو هو.
غزه صورتحال تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو خصوصي اجلاس اڄ ٿيندو
مضمون کا ماخذ : apostas quina