اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهل??ار?? جي گاڏي تي حملي جي س??ت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڏڦيڙ پکيڙيندڙ ٽولو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ڪنهن به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ کي برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حملي ۾ گاڏي س??ن لتاڙيل رينجرز اهل??ار?? جي شهادت تي دلي غم ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد ٿيل اهل??ار?? جي بلند درجن ۽ سندن ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي جلد نشاندهي ڪري کين واقعي جو ذميوار قرار ڏئي س??ا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيل رنيجرز ۽ پوليس اهل??ار?? کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته نام نهاد پرامن احتجاج جي آڙ ۾ پوليس ۽ رينجرز جي اهل??ار?? تي حملا مذمت جوڳا آهن، ڏڦيڙي ٽولو قانون لاڳ ڪندڙ ادارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي. پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهر ۾ امن و امان لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولي هٿان شهيد سيڪيورٽي اهل??ار?? جي خاندانن جون زندگيون تباهه ڪيون ويون آهن، ڏڦيڙي ٽولو گذريل ڏينهن پوليس اهل??ار?? ۽ اڄ رينجرز جي اهل??ار?? کي شهيد ڪري معصوم ٻارڙن ۽ سندن ڪٽنبن آڏو جوابده آهي. وزيراعظم چيو ته ڏڦيڙي ٽولو انقلاب نه رتوڇاڻ چاهي ٿو، هي پرامن احتجاج ناهي شدت پسندي آهي ۽ پاڪستان ڪو به ڏڦيڙ ۽ رتوڇاڻ برداشت نٿو ڪري سگهي. ناپاڪ سياسي مقصدن لاءِ رتوڇاڻ قبولڻ جوڳي ناهي ۽ انتهائي مذمت جوڳي آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم شهيد ٿيل رينجرز ۽ پوليس اهل??ار?? کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران سرينگر هاءِ وي تي احتجاجين طرفان رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن جي گاڏين تي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر