اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو، سرڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي ??اءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ گڊ گورننس جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ جي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، حڪومتي ادارن ۾ پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ سان ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيڪ وڌندو. وزيراعظم پيپرا (پي پي آر اي) ۾ سڌارا آڻي ان کي ڪنهن به قسم جي اثررسوخ کان پاڪ بڻائڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته سمورن سرڪاري پروڪيورمنٽس ۾ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن بشمول ڪوالٽي انشورنس يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شڪايتن جي ازالي جي ??اءِ پروڪيورمنٽ ايجنسي کان هٽي ڪري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته پيپرا ۾ ميرٽ تي باصلاحيت، پيشيور ۽ گهربل تجربو رکندڙ ماهر مقرر ڪيا وڃن. وزيراعظم سمورن سرڪاري ادارن کي اي پروڪيورمنٽ استعمال ڪرڻ جي ??دايت ڪندي چيو ته سرڪاري ادارن ۾ خريداري ۽ سروسز حاصل ڪرڻ جي ??اءِ خصوصي پروڪيورمنٽ سيل قائم ڪيا وڃن، سرڪاري معاملن ۾ شفافيت ملڪي ترقي جي ??اءِ لازمي ??هي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پيپرا آرڊيننس ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن جو جائزو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهي ترميمون جلد وف??قي ڪابينا جي ??نظوري جي ??اءِ پيش ڪيون وينديون، انهن ترميمن جو مقصد پروڪيورمنٽ جي عمل ۾ شفافيت ۽ انهن کي موجوده دور جي گهرجن موجب آڻڻ آهي. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وف??قي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، ناڻي واري وف??قي وزير اورنگزيب خان، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پيپرا بورڊ ميمبرن، ورلڊ بئنڪ ڪنٽري ڊائريڪٽر ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.
سمورن سرڪاري ادارن ۾ شفاف طريقي سان خريداري ۽ خدمتون حاصل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão quina