اسلام آباد-18 نومبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيمز هيمپسن ۽ هيڊ آف ايجوڪيشن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تعليم ۽ م??ار??ن جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪالهه هتي جاري بيان موجب ان موقعي تي گورنر چ??و ته تعليمي ??عيار کي بلند ڪرڻ، نوجوانن ۽ عورتن کي تربيتي پروگرامن ذريعي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن ۽ انگلينڊ جي تعليمي ادارن وچ ۾ حصيداري کي هٿي ڏيڻ سندن ترجيحن ۾ شامل آهي. انهن حصيدارن جو مقصد شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا ذريعي عالمي ????ار??ن کي ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن تائين آڻڻ آهي. ڳالهين دوران گورنر پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ڪي پي ڪي چيپٽر جي حوالي سان پنهنجي ويزن تي به ڳالهه ڪئي، ان جي خدمتن ۾ نواڻ ۽ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪي پي ڪي جي تعليمي ادارن جي شاگردن خاص ڪري نوجوان عورتن ۾ آرٽس ۽ ڊزائن جي بي پناهه صلاحيتن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌا??و ته ان منصوبي لاءِ برٽش ڪائونسل سان ڀائيواريءَ جي باضابطه تجويز موڪلي وئي آهي. جيمز هيمپسن آءِ ايم سائنسز يونيورس??ي پشاور ۾ هڪ جديد هنرمند مرڪز جي برٽش ڪائونسل جي منصوبا بندي جي باري م ٻُڌايو ۽ گورنر کي جنوري 2025ع ۾ ان مرڪز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. برٽش ڪائونسل جي ٽيم گورنر کي ”گول“ پروگرام بابت به آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ضلعن ۾ 2 لک 50 هزار غير تعليم يافته ڇوڪرين جي داخلا آهي. ملاقات دوران فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري اعليٰ تعليمي ??نصوبن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ڪي پي ڪي جي گورنر پاران برٽش ڪائونسل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے