اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) جامع مسجد رياض الجنته و اسلامڪ ڪمپليڪس جي نگران ۽ ناليواري مخير شخصيت ڊاڪٽر سهيل م??يد شيخ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي سندس اولين مشن آهي. اي پي پي سان خ??وصي انٽرويو ۾ هن چيو ته هڪ مهذب معاشري طور اسان کي هڪ ٻئ?? جي مدد ڪرڻ گهرجي، انسانيت اسان کي ضرورتمندن جي سارسنڀال جو ??رس ڏي ٿي. ڊاڪٽر سهيل م??يد شيخ چيو ته گذريل 12 سالن کان هو ۽ سندس ادارو ايران ۽ عراق جي زائرين کي مفت طبي سارسنڀال فراهم ڪرڻ ۾ مصروف عمل رهيا آهن ۽ 20 کا?? وڌيڪ ملڪن جي ماڻهن جي مدد ڪئي آهي. وڌيڪ اهو ته 2008ع کان هُن روات جي هڪ ڪاليج ۾ يتيمن، محروم ٻارن ۽ شهيدن جي ٻارن کي مفت تعليم فراهم ڪرڻ جي خير جي ڪم جي شروعات ڪئي آهي. ه?? وڌيڪ چيو ته نثار فاطمه امين فائونڊيشن (اين ايف اي) جي تعاون سان اسان مستحق ٻارن جي لاءِ ڪتاب، يونيفارم، اسڪول بيگ ۽ خوراڪ سميت مڪمل تعليمي مدد فراهم ڪري رهيا آهيون. ه?? وڌيڪ چيو ته اها ڪوشش ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته شاگرد مالي بار کانسواءِ معياري تعليم حاصل ڪري سگهن. ڊاڪٽر سهيل م??يد نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي خدمت جي جذبي کي فروغ ڏين ۽ حقيقي ڪاميابي هڪ ٻئ?? جو ??اٿ ڏيڻ ۾ آهي. هن چيو ته ٻين جي مدد ڪرڻ انسانيت جو ??قيقي پيغام آهي جيڪو نوجوانن کي سچي نيت سان ڪم ڪرڻ ۽ انسانيت جي احترام کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿو.
انسانيت جي خدمت ۽ معاشري جي پٺتي پيل طبقي جي ترقي اولين مشن آهي: ڊاڪٽر سهيل مجيد شيخ
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ