گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي ش??هه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جدا جدا ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ گورنر وزيراعظم کي ملڪ ۾ ت??زي معاشي استحڪام تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳو??ڻن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جي پٿر ۽ افتتاح تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ئي ته گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل يقيني بڻائي وي??دي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي وڏي وزير روايتي چوغي ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو.
وزيراعظم سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ