راولپنڊي-04 نومبر (اي پي پي)خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل استقباليه کي خطاب دوران ڪي??. تقريب کي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي صدر عثمان شوڪت، اڳوڻي صدر ارشد مشهدي، وومن چيمبر آف ڪامرس جي صدر قرة العين ?? ٻين عهديدارن پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪي??. گورنر چيو ته ڪي پي ڪي جي وچ ايشيا ??ان واپار جي ستن روٽن مان ا??ان کي فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته تاجڪستان بندر عباس کان واپار ڪري ٿو، جيڪڏهن ا??ان جي ملڪ ۾ گوادر ??ان هو ڳنڍيل هجي ها ته ان کي گهٽ وقت ۾ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي ۽ ا??ان کي به معاشي فائدو ٿيندو. قيمتي پٿرن جي سڀ کان وڏي مارڪيٽ ڪي پي ڪي ۽ پشاور ۾ آهي، دنيا ا??ان ??ان واپار ڪرڻ چاهي ٿي پر ڪي پي ڪي ۾ بدقسمتي ??ان امن امان جي صورتحال ان جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. هن چيو ته پشاور ۽ گورنر هائوس جا دروازا سڄي ملڪ جي ڪاروباري طبقي لاءِ کُليل آهن، منهنجو سهڪار اوهان ??ان گڏ آهي. هن راولپنڊي وومن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي ميمبرن کي دعوت ڏني ته هو ڪي پي ڪي وومن چيمبر آف ڪامرس ??ان سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪن، گورنر هائوس ان سلسلي ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندو. هن چيو ته پشاور ۾ ايڪسپو سينٽر بڻائڻ جي حوالي ??ان مان واپار واري وزارت جو ٿورائتو آهيان، ان ??ان صوبي جي سُڃاڻپ روشن ٿيندي. واپاري اڳواڻن ملڪ جي ترقي ۾ پ پ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو، هن معاشي ترقي جون ڪيتريون ئي تجويزون پڻ پيش ڪي??ن.
ڪي پي ڪي ۾ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ نه صرف صوبي پر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروي آهي: فيصل ڪريم ڪنڊي
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena