پشاور-30 آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي ضلعي اپر دير جي علائقي پاتراڪ ميدان واري هنڌ تي ڇپُون ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ گهر ڊهي پيو جنهن سبب هڪ ئ?? ڪٽنب جا 12 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر ريسڪيو 1122 اپر دير موجب پاتراڪ ۾ مسلسل تيز برساتن سبب لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ هڪ گهر مڪمل طور تي ڊهي پيو جنهن ۾ موجود 12 ماڻهو دٻجڻ جو اطلاع م??يو. ريسڪيو 1122 ۽ مقامي ماڻهن جي مدد سان سرچ آپر??شن شروع ڪيو ويو. ريسڪيو 1122 ڊٺل گهر جي ڀنجو هيٺان دٻيل 12 ماڻهن جا لاش ڪڍيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. ريسڪيو 1122 سمورا لاش ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ??يا جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر جي نگراني ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو آپر??شن مڪمل ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن