اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اوي?? احمد لغاري چيو آهي ته توانائي جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، 20 نڪاتي سڌارن جي شروعات وزيراعظم شهبا?? شريف جي سربراهي ۾ ٿي چڪي آهي. ڪالهه وزيراعظم جي توانائي بابت خاص مددگار محمد علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توانائي جو شعبو معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان لاءِ هن شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، وزيراعظم جي ويزن تحت سمورن وزارتن کي گڏجي سڌارن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته وزيراعظم جي حڪمن مو??ب توانائي جي شعبي تي نيشنل ٽا??ڪ فورس جوڙي وئي آهي، پاور سيڪٽر سان ڳنڍيل سمورا ادارا ٽا??ڪ فورس ۾ شامل آهن، نيشنل ٽا??ڪ فورس توانائي جي شعبي ۾ بهتري لاءِ سمورن رخن جو جائزو وٺندي ۽ اسان پاڪستان کي توانائي جو هڪ صحتمند شعبو ڏينداسين. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته جيترو جلدي سان شيون ٺيڪ ڪنداسين اوتري جلدي معيشت بهتر رخن تي ايندي. وزيراعظم جي خاص مددگار محمد علي چيو ته اسان آءِ پي پيز ۽ پيداواري لاڳت بابت مسئلا ڏسي رهيا آهيون، هاڻي اهو ڏسڻو آهي ته بجلي جي پيداواري لاڳت ۽ قيمتن ۾ گهٽتائي ڪيئن ڪري سگهجي ۽ ڪيئن حڪومت صارفين تي بار گهٽ ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته ٽا??ڪ فورس جو اجلاس روزاني جي بنياد تي ٿيندو جنهن جي اڳڀرائي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو.
توانائي جي شعبي ۾ سڌارن لاءِ نيشنل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي: وفاقي وزير اويس لغاري
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado