اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ ??ضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا، پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان زرعي پيداوار وڌائڻ جي حڪمت عملي تي ڪاربند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي لاءِ اسان کي پنهنجي افرادي قوت کي بهترين فني تربيت ڏيڻي آهي، پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ ۽ هائبرڊ گاڏين جا پلانٽ لڳائين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم م??مد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ چيني ڪمپنين جي نمائندن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد کي ڀليڪار چيو ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته چين ۽ پاڪستان جا پراڻا ۽ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ ??ضبوط ٿي رهيا آهن، چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي جنهن تي مون سميت پوري قوم چيني قيادت ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آه??. س??دس چوڻ هو ته پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي حوالي سان سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ان حوالي سان هڪ جامع پلان جوڙيو ويو آهي. وزيراعظم چيني ڪمپنين کي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ بي ٽو بي ٽرانزيڪشنز تحت صنعتون لڳائڻ جي ترغيب ڏني. هن چ يني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ پنهنجون صنعتون قائم ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ??و جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، منهنجي چين جي ايندڙ دوري جو محور سي پيڪ ??و ۽ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاشي لاڳاپن جو وڌيڪ ??روغ هوندو. وزيراعظم چيو ته چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت آهي جيڪا اسان جي لاءِ انتهائي خوشي ۽ اطمينان جو سبب آهي، چين جهڙي طرح 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو اهو اسان جي لاءِ مشعل راهه آه??. س??دس وڌيڪ چوڻ هو ته روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان چيني تجربن مان فائدو کڻڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جي برامدات کي چين ۽ خطي جي ٻين ملڪن تائين پهچائڻ ۾ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ پاڪستان جي مدد ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، زراعت جي شعبي ۾ جدت ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جا خواهشمند آهيون، پاڪستان آءِ ٽي سيڪٽر جي فروغ جي لاءِ چين جي آءِ ٽي انڊسٽري جي مهارت مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم وفد کي آگاهه ڪيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪومتي سطح تي سڌارا ڪيا پيا وڃن، ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي، ٽيڪس نظام ۾ ليڪجز جو خاتمو ۽ بجلي جي چوري جي خلاف قدم کنيا پيا وڃن، رياستي ملڪيي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي جنهن سان قومي خزاني کي فائدو ٿيندو. وزيراعظم چيني ڪمپنين جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان چين جي سي سي جي حوالي سان منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته پاڪستان ريلوي ۾ لائين ون جي اپ گريڊيشن، قراقرم هاءِ وي جي ري الائنمنٽ، خصوصي اقتصادي زونز قائم ڪرڻ، گوادر بندرگاهه ۽ ايگري ڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز سي پيڪ جا ترجيحي منصوبا هوندا. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان کي پنهنجو ٻيو گهر قرار ڏنو. چيني ڪمپنين جي نمائندن پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري کي وڌيڪ ??ڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چ??ما?? ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير م??مد اورنگزيب، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرووزير سيد محسن رضا نقوي، پاور واري وفاقي وزير اويس ا??مد خان لغاري، پورٽس اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير قيصر ا??مد شيخ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي، پاڪستان ۾ مقرر چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
چين پاڪستان جي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان هر محاذ تي چين سان گڏ بيٺل رهندو، چيني شهرين جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی