اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني مهمان?? جي سيڪيورٽي جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو، چيني ڪمپنيون ملڪ ۾ درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻي?? جي کوٽائي جي منصوبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي چيئرمين وو لي جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٿر ڪول بلاڪ ”ون“ پاور جنريشن ڪمپني جو چيئرمين ۽ چيف ايگزيڪويٽو آفيسر مينگ ڊونگ هائي، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، توانائي وارو وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد ??ها??زيب خان ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعليٰ آفيسر شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي سرپرستي ۾ هلايا ويندڙ مختلف منصوب?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستا?? جي چين سان دوستاڻي لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي سمنڊ کان گهري ۽ هماليه کان بلند آهي. پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين ۽ انه?? جي ملازم?? جي لاءِ سيڪيورٽي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. وزيراعظم شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ کي ملڪ م درآمد ٿيل ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ ۽ ڪوئلي جي کاڻي?? جي کوٽائي جي منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته موجوده منصوبن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت چيني سيڙپڪارن کي سموريون سهولتون فراهم ڪندي. اجلاس ۾ وفد وزيراعظم کي مختلف منصوب?? جي هيستائي?? جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني. شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ پاڪستان ۾ ٿر ڪول مائن ڊيولپمينٽ ۽ 1320 ميگاواٽ جي ڪوئلي سان توانائي پ??دا ڪرڻ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبي تحت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چي?? جي وڏين ڪمپنين مان هڪ آهي ۽ پاڪستان ۾ شنگهائي اليڪٽرڪ گروپ جي منصوب?? جي ذريعي ساليانو 400 ملين ڊالر جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿي رهي آهي.
پاڪستان چين سان دوستاڻن لاڳاپن ۽ معاشي حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا