اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ڇاتيءَ جي ڪينسر، دماغي صحت ۽ تندرستي بابت شعور بيدار ڪرڻ سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو ڪارائتو حصو بڻائڻ جي لاءِ انهن جي حقن جي حمايت جي لاءِ گ??يل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هو روٽري ڪلب جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪ??نسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪري رهي هُئي. هن چيو ته انهن موضوعن تي سڄو سال کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي، ڀلي اهو ڇاتيءَ جو ڪينسر هجي، خصوصي ماڻهن جا حق هجن يا دماغي صحت جو معاملو هجي، ان سلسلي ۾ اسان کي نه رڳو حڪومت پر پوري معاشري جي حمايت جي ضرورت پوندي. خاتون اول چيو ته عورتن جو هر مهيني 5 منٽ جو پاڻ معائنو ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو، اهڙي طرح ملڪ ۾ هزارين عورتن جو?? حياتيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري 44000 موت هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جنهن جي لاءِ بيماري جي جلد تشخيص بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بيگم ثمينه علوي ذڪر ڪيو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيڻ جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ميموگرا??ڪ جي ناڪافي سهولتن جي ڪري موت جي شرح تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جو?? عورتون بشمول 14 – 12 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي تشخيص ٿي رهي اهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ جانچ جي 5 منٽ جي معمولي کي سکن ۽ پنهنجي علائقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 ٻين عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن سمورن شرڪت ڪندڙن کان ذهني صحت جي اهميت ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي لاءِ پيغام ڦهلائڻ جو وچن پڻ ورتو. هن چيو ته دماغي صحت جي حوالي سان هڪ موبائيل ايپ ”همراز“ تيار ڪئي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ماڻهو پنهنجي ذهني صحت بابت رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڪل آبادي جو 24 سيڪڙو دماغي صحت جي مسئلن جو شڪار آهي پر لاڳاپيل صحت جي ??اه??ن ۽ سائيڪاٽرسٽ جو انگ تمام گهٽ آهي جن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن خصوصي ماڻهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ جي لاءِ تعليم ۽ روزگار جو?? سهولتون فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو.
ڇاتيءَ جو ڪينسر سميت صحت جي موضوعن تي کلي ڳالهه ڪرڻ گهرجي: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج