اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي، پاڪستان چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار سمجهي ٿو. نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيندڙ انٽرويو ۾ جيڪو نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ شرڪت ??ي موقعي تي ڏنو هو، هن چيو ته پاڪستان يوڪرين ??ان روس جي جنگ تي ”غيرجانبدار“ آهي ۽ چين کي پنهنجو سدابهار دوست ۽ اسٽريٽجڪ حصيدار طور ڏسي ٿو. هن چيو ته اها سرد جنگ نه آهي، هتي ڪو ”آئرن ڪرٽن“ نه آهي، اهو ايترو مبهم نه آهي، هر ڪو ڏسي رهيو آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي راهه تي گامزن آهي جنهن جي چونڊ اولهه، روس ۽ چين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي کان بچڻ جي لاءِ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ چين جي وڌ??دڙ دشمني ۾ ڪنهن به ڪئمپ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو نه ٿو رکي. هن چيو ته سوويت يونين جي خلاف ۽ نائين اليون کانپوءِ ٻيهر اولهه جو ساٿ ڏئي پاڪستان وڏي قيمت ادا ڪئي. هن چيو ته گذريل 30 سالن ۾ پاڪستان ??ان اولهه غيرمنصفاڻو سلوڪ ڪيو آهي، هر قوم پنهنجي لاءِ… ا??ان کي ان مقابلي جو فڪر ڇو ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻن عظيم طاقتن، ٻن عظيم تهذيبن ۽ 150 کان وڌ??ڪ ملڪن جي اثرن جي وچ ۾ آهي ۽ پاڪستان انهن ملڪن مان رڳو هڪ آهي، يوڪرين بابت پاڪستان جي ”غيرجانبدار“ موقف جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته اهو بحران چئلينجز پيدا ڪري رهيو آهي ۽ گڏ ئي اهو خطي ۾ موقعا پڻ پيدا ڪري رهيو آهي ۽ ا??ان ان کي ٻنهي طريقن ??ان ڏسي رهيا آهيون. نگران وزيراعظم پاڪستان پاران يوڪرين ۾ جنگي سامان منتقل ڪرڻ جي حوالي ??ان ميڊيا رپورٽ ۾ الزامن جي سختي ??ان ترديد ڪندي چيو ته ا??ان ڪنهن به قسم جو وڪرو نه ڪيو جيڪو سڌوسنئون يوڪرين يا ڪنهن به ٽئين ڌر جي ذريعي به ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي هجي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتاري جي حوالي ??ان نگران وزيراعظم مبينا زيادتين جي ترديد ڪئي ۽ پاڪستان جي قدمن جي ڀيٽ 6 جنوري 2021ع تي آمريڪي ڪيپيٽل تي حملو ڪندڙن جي آمريڪا ۾ گرفتارين ??ان ڪئي. هن چيو ته گرفتاريون غيرقانوني ڪاررواين تي ڪيون پيون وڃن، ڪو به اهڙو شخص جيڪو باهه لڳائڻ يا ڀڃ ڊاهه ۾ ملوث آهي، اهو ان قسم جو طرزعمل نه آهي جنهن کي ڪنهن به لبرل جمهوريت جي ذريعي فروغ ڏنو وڃي ٿو يا ان جي تائ??د ٿئي ٿي، ته پوءِ پاڪستان کان اها اميد ڇو ڪئي پئي وڃي ته ا??ان اهڙي طرح جي رويي کي معاف ڪريون؟.
پاڪستان وڏي طاقتن جي مقابلي ۾ ڌرين جي چونڊ ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مفادن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، اولهه چين کي محدود ڪرڻ جي ڪوششن جي جنون ۾ مبتلا آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد