نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي، ڪورونا وائرس جي روڪٿام ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ٻيهر نه ورجائڻ جي لاءِ قدمن جي ضرورت آهي، وبائي مرضن جي روڪٿام جي لاءِ وي??سينز جي دستيابي هر هڪ جي لاءِ ممڪن بڻائڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي وبائي مرضن جي روڪٿام، تياري ۽ ردعمل جي موضوع تي سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته ڪورونا وائرس سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿيا، انهن کي لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، عالمي واپار ۽ معيشت کي نقصان پهتو. هن چيو ته خوش قسمتي سان سائنسدانن جي ڪورونا وائرس جي وي??سين ٺاهڻ سان دنيا ۾ اميد پيدا ٿي، وي??سين جي ورڇ ۾ اڻبرابري سامهون آئي، غريب ۽ امير ملڪن جي وچ ۾ ان وي??سين تي سيڙپڪاري ۾ فرق نظر آيو، حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻو رويو نه رکڻ گهرجي. هن چيو ته مستقبل ۾ صحت بابت بحران دوران ماضي جون اهي خاميون نه ٿيڻ گهرجن، سائنسي دريافتن تائين پهچ زندگيون بچائڻ جي لاءِ لازمي آهي، ان کي دنيا جي ڀلائي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گهرج??. ن??ران وزيراعظم چيو ته ڪمرشل ۽ پرائيويٽ ڪمپنين جو طبي اوزارن ۽ وي??سين جي ورڇ ۽ پهچ تي مڪمل اختيار نه هجڻ گهرجي، صحت جي عالمي اداري تحت ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، واپاري توازن قائم ڪيو وڃي، صحت جون دوائون بنا فرق تياري، پهچ ۽ اس??ند?? ملڪن کي ٽي??نالاجي جي پهچ يقيني بڻائي و??ي. ??ن چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صحت بابت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري ڪئي وڃي، ان جي لاءِ ساليانو 30 ارب ڊالر جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي اڀ??ند?? چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تياري ۽ ڪوششن جي ذريعي پنهنجي ذميوارين کي پورو ڪرڻ گهرجي ته جيئن مستقبل ۾ وبائي مرضن کان بچڻ جي لاءِ قدمن کي عملي شڪل ڏئي سگهجي.
عالمي سطح تي وبائي مرضن جي ڦهلاءُ جي صورت ۾ حقوق دانش جي نالي تي غريب ملڪن سان غيرمنصفاڻي رويو نه رکڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن