اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري نگران و??اقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي. توانائي واري نگران و??اقي وزير محمد علي ۽ توانائي واري سيڪريٽري راشد محمود لنگڙيال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نگران حڪومت پنهنجي آئيني مينڊيٽ کان مٿانهون ڪو به قدم نه کڻندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي عنصرن ۾ بجلي چوري سڀ کان وڏو عنصر آهي، هر سال 589 ارب رپين جي بجلي چوري ٿئي ٿي. توانائي جي شعبي ?? سڌارا وقت جي ضرورت آهن. اطلاع??ت واري نگران و??اقي وزير چيو ته اڄ جي پريس ڪانفرنس بجلي چوري ب??بت آهي، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ اضافي جي پـٺيان ٻين عملن ب??بت وڌيڪ ميڊيا بريفنگ ڏني ويندي. هن چيو ته نگران حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ بجلي جي صارفين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن ب??بت به ميڊيا کي آگاهه ڪندي. هڪ سوال ج?? جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن وزير کي مفت بجلي فراهم نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ اي پي پي جو ايم ڊي محمد عاصم کچي به موجود هو.
نگران حڪومت آئين ۽ قانون کان مٿانهون ڪوبه ضابطو جاري نه ڪندي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے