اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام ل??ءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ ا??ان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وزير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت معاملن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي معاملن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ ل??ءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن ک?? اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ ل??ءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن