اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اج????س ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اج????س ۾ ايشيا پيسفڪ جي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع ??صيداري جي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو ??يش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اج????س ۾ شرڪت جي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل س??ن ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. پرڏيهي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي جي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena