مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري ????ول??ون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان س??ول?? ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏامن ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري ??ميت مختلف ملڪن کان سعودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايومي??رڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي اڏي تي سفر بابت سمورن طريقيڪار کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بسن ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.
مڪه روٽ قدمن تحت هلندڙ سال 7 ملڪن مان 2 لک 42 هزار 272 حج پانڌيئڙن کي آسان سفري سهولتون فراهم ڪيون ويون: سعودي پريس
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج