اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي، هو سمجهي ٿو ته ڪير ان کان پڇي نه ٿو سگهي، عمران خان جي گ??فتاري قانون موجب هئي، ان سان عام شهري جهڙو سلوڪ ٿيڻ گهرجي. ”اسڪائي نيوز“ کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان تي ڪرپشن جا الزام هئا، ان جي گ??فتاري سان حڪومت جو ڪو تعلق نه آهي، اها گرفتاري نيب جي ۽ قانون موجب هئي. هڪ سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، عمران خان کي گ??فتار يا خاموش ڪرڻو هجي ها ته اسان 14 مهينا انتظار نه ڪريون ها. عمران خان جي نااهلي بابت سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان عمران خان کي نااهل ڇو ڪرائڻ چاهينداسين؟ ڪا به جمهوري حڪومت ائين ڇو ڪندي؟ البته عمران خان پنهنجي دور ۾ سياسي اڳواڻن کي گ??فتار ڪيو، جيلن ۾ وڌو ۽ انهن جو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عدالتي ??ڪم جاري ٿيڻ کانپوءِ اهو ان جو آئ??ني حق آهي ته هو ان آرڊر جو جائزو وٺي يا ان تي ڳالهه ڪري. هڪ ٻئي سوال تي ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران ڪو پرامن شهري رستن تي نه هو، رڳو هٿياربند جٿا ۽ دهشتگرد موجود هئا جن رياستي ۽ عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو.
عمران خان سدائين عدليه جي توهين ڪئي، ڪڏهن به قانون جي پاسداري نه ڪئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات