اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگ??ائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائ??نس?? جي اجلاس ۾ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو. پرڏيه?? وزير اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪطرفي ۽ غيرقانون?? قدم عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? جي قراردادن جي خلاف ورزي ۽ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي مقصدن جي منافي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتازه زهره بلوچ هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري ڀارت جي شهر گووا ۾ ايس سي او پاران پرڏيه?? وزيرن واري ڪائ??نس?? جي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس جي ايجنڊا ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ رابطن جي مسئلي سان گڏوگڏ عالمي اقتصادي ۽ سياسي اڳڀرائي تي شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي موقف تي ڳالهه ٻولهه شامل هئي. ترجمان چيو ته پرڏيه?? وزير شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪيو ۽ خطي ۾ موثر ٽرانسپورٽ، ڪوريڊورز ۽ ڀروسي جي قابل سپلائي چين جي تعمير جي تجويز پيش ڪئي. ان سان گڏوگڏ هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت ثابت ٿي سگهي ٿو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيه?? وزير دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ جامع ۽ اجتماعي موقف تي زور ڏنو ۽ چيو ته سفارتي پوائنٽ اسڪورنگ جي لاءِ دهشتگردي کي هٿيار نه بڻائڻ گهرجي. هن ڄاڻي واڻي اشتعال انگيز ۽ نفرت تي اتساهڻ جي به مذمت ڪئي ۽ فاشسزم جي خلاف گڏيل جدوجهد تي زور ڏنو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيه?? وزير ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، قزاقستان، ازبڪستان، تاجڪستان ۽ ڪرغزستان جي هم منصبن ۽ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته پرڏيه?? وزيرن جي اجلاس پاڪستان کي شنگ??ائ?? تعاون تنظيم سان پنهنجي ڳانڍاپي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪيو. ترجمان چيو ته 2017ع ۾ شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جو ميمبر بڻجڻ کانپوءِ پاڪستان ايس سي او جي سڀني سرگرمين ۾ فعال ۽ تعميري طور تي حصو ورتو آهي ۽ ان شنگ??ائ?? تعاون تنظيم جي گهڻ رخي شعباجاتي ايجنڊا جي پيروي ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ايس سي او جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي جي لاءِ پاڪستان جي ويزن کي اجاگر ڪيو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria estadual