ڪوئيٽا – 31 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل تڪرارن ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت جي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته عوامي خدمت ۽ گڊ گورننس جي فروغ ۾ وفاقي ۽ صوبائي محتسبن جو اهم ڪردار آه??. هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي صدر چيو ته 2017ع ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر جي حيثيت سان هن روايتي عدالتي نظام تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ تڪرارن جي متبادل حل بابت هڪ بل جي منظوري جي لاءِ فعال طور تي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سيڪيورٽي مسئلن جي ڪري ”زوم ميٽنگز“ جهڙي آن لائين سيٽ اپ جي اهتمام جو تجربو به ڪيو ويو آه?? ته جيئن عام ماڻهن کي وقت سر انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. صدر چيو ته هن گذريل رات وفاقي محتسب جي 10 ڪيسن کي اڪلايو ۽ عام طور تي هو اپيلن جي ڪيسن کي رڳو ڪجهه ڪلاڪن ۾ اڪلائي ڇڏي ٿو. صدر محتسب جي ڪردار بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ڇو ته هن وقت تمام گهٽ ما??هو ان جي ڪردار کان واقف آه??. هن سرڪاري آفيسرن ۽ عام ماڻهن جي وچ ۾ رابطن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته اسلام معاشري ۾ امن ۽ هم آه??گي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ماڻهن کي صبر ۽ درگذر ڪرڻ جو درس ڏي ٿو. ڪا به قوم صحيح معنيٰ ۾ اسلام جي قدرن ۽ تعليم تي عمل پيرا ٿئي ته ان کي ڪنهن غي??مل??ي امداد جي ضرورت نه آه??. حضور نبي اڪرم ﷺ ۽ پاڻ ﷺ جي صحابه ڪرام جي زندگي جي معيار جو ذڪر ڪندي صدر ملڪ جي ايگزيڪيوٽوز کي پڻ چيو ته اهي ان جي پيروي ڪن ۽ عام ما??هو جي زندگي جي معيار کي اختيار ڪن. عورتن جي حقن جي اهميت ۽ معاشري ۾ انهن جي شموليت بابت ڳالهائيندي صدر چيو ته اسلام پهريون مذهب آه?? جنهن عورتن کي وراثت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو آه?? ۽ قرآن مجيد ۾ ان تي وضاحت سان زور ڏنو ويو آه??. زندگي جي هر شعبي ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته ملڪ جي 52 سيڪڙو آ??ادي کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، عورتن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آه??.
گڏيل تڪرارن ۽ ٽڪراءُ جي صورتحال کان بچڻ جي لاءِ معمولي نوعيت جي ڪيسن کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج