فيصل آباد – 11– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري م??ڪز جو دورو ڪيو ۽ اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو. هن مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري م??ڪز جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم پاڻ به مستحقين ۾ اٽي جا ٿيلها ورهايا ۽ ان موقعي تي عورتن کان اٽي جي فراهمي ۽ انهن جي م??ئلن بابت معلو?? ڪيو، عورتن مفت اٽي جي فراهمي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم مفت اٽي جي فراهمي جي نظام تي اطمينان جو اظهار ڪيو. فيصل آباد جي 11 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلها فراه?? ڪيا پيا وڃن، فيصل آباد جي 5 تعلقن ۾ روزانو هڪ لک 25 هزار ٿيلها ڏنا پيا وڃن ۽ هر خاندان کي 10 ڪلوگرام اٽي جا ٽي ٿيلها مفت ڏنا پيا وڃن، مفت اٽو 25 شعبان کان 25 رمضان تائين فراه?? ڪيو پيو وڃي. ملڪي تاريخ م پهريون ڀيرو غريب عوام جي لا??ِ وفاقي حڪومت پاران مفت اٽي جي فراهمي جاري آهي. عوامي شڪايتن جي ازالي لا??ِ شڪايت سيل پڻ قائ?? ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم پاران فيصل آباد ۾ مفت اٽو ورهائڻ واري مرڪز جو دورو، اٽي جا ٿيلها ورهائڻ جي نظام جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ