اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رحمت للعالمين اٿارٽي بابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مديني جي رياست اصول پسندي ۽ اخلاقيات جو عملي نمونو هئي ۽ ميثاق مدينه انساني حقن جو محافظ هو، اسلامي معاشرو پنهنجي دور جو سڀ کان جدت پسند معاشرو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ?? رحمت للعالمين اٿارٽي جي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن پير نورالحق قادري، شفقت محمود، پروفيسر ڊاڪٽر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ شهزاد نواز شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان وڊيو لنڪ ??ريعي شريڪ ٿيو. زويراعظم چيو ته صوفين سيرت جي ??وش??ي ۾ مقامي ماڻهن کي انهن جي زبان ۾ دين جي تعليم فراهم ڪئي، مذهبي تهوارن کي ??رد??رسازي جو ذريعو بڻائڻ تي زور ڏنو ويندو، يونيورسٽين ۾ تحقيق ۽ غور فڪر سان سيرت جي اهم رخن کي اجاگر ڪيو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري عاشق رسول ﷺ آهي، عشق رسول جو سڀ کان وڏو ثبوت نبي ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي اٿارٽي قائم ڪرڻ تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو، اٿارٽي جي لاءِ ٺوس ميڊيا پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته جديد طريقيڪار سان نوجوانن ۽ ٻارن جي سيرت طيبه ﷺ جي ??وش??ي ۾ ??رد??رسازي تي ڌيان ڏنو ويندو، عالمي سطح تي سيرت جي حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ ۽ اسلامو فوبيا جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ سفارشن کي آن بورڊ ورتو ويندو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽيز ۽ اسڪولز جي نصاب ۾ پڻ سيرت طيبه جي ??وش??ي ۾ اخلاقيات جي تدريسي شامل ڪئي ويندي، اسلام ۽ سائنس ۾ هم آهنگي کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تحقيق ۽ قدم پڻ اٿارٽي جي مقصدن ۾ شامل آهن. وزيراعظم اٿارٽي بابت سمورن قدمن کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي هدايت ڪئي.
رحمت للعالمين اٿارٽي بابت قدمن کي جلد عملي جامعو پارايو وڃي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون