ڪراچي – 30 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪمن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪميونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صد?? ڪراچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صد?? چيو ته پاڪستان حڪومت جي وق?? سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت وق?? سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ سم??رٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان بچاءُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائندي انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.
پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ