اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ آسٽريليا سان ٻطرفي تعاون کي ??ڌي?? مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت جي شعبن ۾ آسٽريليا سان تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي جيڪو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي وزارت جي عهدو ڇڏيندڙ ترجمان ۽ آسٽريليا ۾ پاڪستان جي نامزد ها??ِ ڪمشنر زاهد حفيظ چوڌري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي صدر زور ڏنو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جا ??سيع امڪان آهن. هن ??ڌي?? چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان مختلف شعبن ۾ خاص طور تي تعليم، زراعت، واپار، پاڻي جي انتظام، کاڻين ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. هن آسٽريليا کان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو، هن ??ڌي?? چيو ته ملڪ ڪاروباري دوست پاليسيون اختيار ڪيون ۽ پنهنجو ڌيان جيوسياست کان جيو اڪنامڪس ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. حڪومت پاران ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت ڪردار جي حوصلا افزائي جو حوالو ڏيندي صدر نامزد ها??ِ ڪمشنر کي چيو ته هو آسٽريليا ۾ پاڪستاني شهرين جي سهولت ۽ ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري ۽ کين هر ممڪن تعاون ۽ خدمتون فراهم ڪري. آسٽريليا ۾ پاڪستاني شاگردن جي قابل ذڪر تعداد کي نظر ۾ رکندي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي تعاون کي ??ڌي?? وڌائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر زاهد حفيظ چوڌري کي آسٽريليا ۾ پاڪستان جي ها??ِ ڪمشنر جي طور تي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي چيو ته هو پاڪستان آسٽريليا تعاون کي ??ڌي?? مضبوط ۽ متنوع بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي طور تي پنهنجي فرضن کي بهترين طريقي سان انجام ڏيڻ تي زاهد حفيظ چوڌري جي واکاڻ ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو انهي جذبي سان آسٽريليا ۾ پاڪستان جي ها??ِ ڪمشنر جا ??رض سرانجام ڏيندو.
پاڪستان آسٽريليا سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ چاهي ٿو: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر