ملتان -30 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڊينئل پرل ڪيس ۾ ??ري ٿيندڙ عمر شيخ کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جون خبرون بي بنياد آهن. آمريڪي پرڏيهي وزير اينٿوني بلنڪين سان منهنجي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. مان نئين آمريڪي پرڏيهي وزير کي ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته بلنڪين جا تجربا خطي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. آمريڪي پرڏيهي وزير کي وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير کي هڪ عدالتي فيصلي تي تشويش هئي جنهن تي هن کي اعتماد ۾ ورتو ۽ هن عدالتي فيصلي تي نظرثاني جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. آمريڪي حڪومت ڊينئل پرل ??ي قاتلن کي سزا ڏيڻ چاهي ٿي ۽ اسان جي به اها ئي خواهش آهي ته ڊينئل پرل ??ي خاندان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ست??ن آمريڪا سان ٻه طرفا لاڳاپا چاهي ٿو ۽ مان هن کي عمران خان جي ترجيحن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. مان هن کي ٻڌايو ته پا??ست??ن ۾ عدالتون آزاد آهن ۽ هتي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٿي رهيا آهن ۽ پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪرپشن، مني لانڊرنگ خلاف ٺوس قدم کڻي رهي آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير کي ٻڌايو آهي ته ڀارت افغان امن عمل کي لتاڙي رهيو آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب