اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ??اهرن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي ??وسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي ??وضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ??ند??ن کي خطاب ڪندي ڪيو، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي ??مائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائي چئلينج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ??رڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج