اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان سعودي هم منصب ترڪي الشبانه ملاقات ڪئي جنهن ۾ اطلاعات، ميڊيا، فلم، ڊرامي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي م??بو?? بڻائڻ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون ۽ گڏيل پروڊڪشنز ۽ ثقافتي لاڳاپن کي م??بو?? بڻائڻ جي لاءِ سعودي وزير جي ويزن ۽ دلچسپي کي سارا??يو. سعودي اطلاعات واري وزير ان موقعي تي چيو ته سعودي عرب ۽ پاڪستان جي تخليقي ذهنن کي گڏ ڪري اسلام جي حقيقي پيغام کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته فلم ۽ ڊرامن جي شعبن ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس