پيانگ يانگ-12 نومبر (اي پي پي) اُتر ڪوريا روس سان دفاعي معاهدي جي ??وث??ق ڪري ڇڏي آهي جن??ن تحت سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندي اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ان معاهدي ذريعي ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ناتن کي بهتر بڻايو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا ٻُڌايو ته اُتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ ان هڪ حڪمنامي ذريعي روس سان معاهدي جي ??وث??ق ڪري ڇڏي آهي. ان کان اڳ روس جي پارليامينٽ گذريل هفتي ان معاهدي جي ??وث??ق لاءِ اتفاق راءِ تي ووٽ ڏنو هو جن??ن تي صدر ولادي مير ??يو??ن بعد ۾ صحيحيون ڪيون هيون. روس جي صدر ۽ اُتر ڪوريا جي اڳواڻ جون ۾ روس جي صدر جي اُتر ڪوريا جي دؤري دوران اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي معاهدي تي صحيحيون ڪيون هيون. هي معاهدو ٻنهي رياستن کي هڪٻئي تي حملي جي صورت ۾ ڪنهن دير کانسواءِ فوجي مدد فراهم ڪرڻ ۽ اولهه جي پابندين جي مخالفت ڪندي گڏيل تعاون جو پابند بڻائي ٿو. ولادي مير??يو??ن جون ۾ ٿيل ان معاهدي کي هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو هو.
اُتر ڪوريا روس سان تاريخي دفاعي معاهدي جي توثيق ڪري ڇڏي، اُتر ڪوريا ۽ روس ڪنهن به ڌُر تي حملي جي صورت ۾ هڪٻئي جو دفاع ڪندا
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال