ڪازان-25 آڪٽوبر(اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ ايران جي هم منصب صدر مسعود پيز شڪيان سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جي عزم جو ??رج??ءُ ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ملاقات دوران چين جي صدر چيو ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي صو??تح??ل جي تبديلي جا اثر چين – ايران لاڳاپن تي اثر انداز نه ٿيندا ۽ چين ايران سان پنهنجي دوستي کي مضبوط بڻائيندو رهندو. روس جي شهر ڪازان ۾ برڪس ملڪن جي سربراهي اجلاس دوران ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي. برڪس ڪانفرنس دوران ايران جي صدر ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي غزه ۽ لبنان ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن . ڪانفرنس ۾ صدر شي جن پنگ غزه ۽ لبنان ۾ جنگ بندي جو مطالبو ??رج??ئيندي چيو ته فلسطين مسئلي جي جامع ۽ منصفاڻي حل لاءِ اڻٿڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايران جي صدر سان ملاقات ۾ شي جن پنگ چيو ته غزه جنگ جو خاتمو علائقي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائ?? لاءِ تمام اهم آهي. صدر شي جن پنگ وڌيڪ چيو ته قومي خودمختياري ، سلامتي ۽ قومي وقار جي تحفظ، اقتصادي ۽ سماجي ترقي کي مستقل طور تي اڳيان وڌائ?? لاءِ چين ايران جي حمايت هميشه جاري رکندو.
چين جي صدر شي جن پنگ جي ايران جي هم منصب سان ملاقات، ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو عزم ظاهر
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria