بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي ملڪن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪ??ي رهيا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪيو آهي جنهن تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي ان??اني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ اهي اختلاف راءِ جو اظهار ڪندڙن کانسواءِ صحافين ۽ ان??اني حقن جي علمبردارن کي هروڀرو نشانو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چي?? ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل وقت ڏيڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ ان??اني حقن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چي?? ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جا??ي راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀري?? ته هو بنيادي ان??اني حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چي?? ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : como jogar dupla sena