اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف متني ضلعي پشاور، بازئي ضلعي مهمند ۽ ضلع?? ڪرڪ ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪر?? جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشن دوران 19 خارجين کي جهنم واصل ڪر?? تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن لانس حوالدار عباس علي، نائ??ڪ محمد نذير ۽ نائ??ڪ محمد عثمان کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته فتنه الخوارج جي ملڪ جي امن امان کي خراب ڪر?? جي ڪڌي ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته مون سميت پوري قوم سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار ۽ جوان پنهنجي جان جي پرواهه ڪر?? کانسواءِ پاڪ وطن کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪر?? ۾ مصروف عمل آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي بقاءَ جي خاطر سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جون لازوال قربانيون آهن، مون سميت پوري قوم دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خ??تمي جي لاءِ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران خيبرپختونخواهه ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا