اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انس??ني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام عالمي انس??ني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جي عالمي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرث??ني به موجود آهي جنهن ۾ انس??ني حقن ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئي آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل قانون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انس??ني حقن ۽ قانون جي حڪمر??ني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ نتيجا ڏيند?? ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي عالمي انس??ني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان بنا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي عالمي انس??ني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.
پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عالمي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا