اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي صارفين جي لاءِ بجلي جي ??گهن کي وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي ??جلي جي پيداواري منصوبن جي ??والي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مستقبل ۾ گهٽ لاڳت بجلي منصوبن کي ئي ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي جي ??عبي ۽ خاص طور تي پهچ نظام تي جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بجلي جي پيداوار جي منصوبن جي لاءِ مقامي وسيلن کي ترجيح ڏني وڃي. ان موقعي تي وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ جاري پن بجلي جي منصوبن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جا منصوبا گهٽ لاڳت بجلي جا اهڙا ذريعا آهن جن سان صارف کي ماحول دوست ۽ ??ست?? بجلي فراهم ٿيندي. هن چيو ته بجلي جي موجوده صلاحيت کي پڻ شمسي توانائي تي منتقل ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ ماحول دوست گهٽ لاڳت شمسي توانائي سان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ان لحاظ کان خوش قسمت ملڪ آهي جو جتي شمسي توانائي جي وسيع صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻارڻ سان گهٽ بجلي ٺاهيندڙ غيرموثر بجلي گهرن کي ختم ڪرڻ جي ??والي سان اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته وڌيڪ ٻارڻ سان گهٽ بجلي پيدا ڪندڙ فرسوده بجلي گهرن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، اهڙن بجلي گهرن جي ??ندش سان نه رڳو ٻارڻ جي ??رآمد تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي ناڻي جي ??چت ٿيندي پر صارف جي لاءِ بجلي جي لاڳت پڻ گهٽ ٿيندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙا سمورا آفيسر جيڪي بجلي شعبي جي ??ڌارن ۾ ڄاڻي واڻي رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش رهيا آهن، انهن جي ??لاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي، بجلي جي پهچ جي نظام ۾ جاري سڌارن تي عملدرآمد کي تيز ڪيو وڃي، بجلي پهچ جي نظام کي عالمي معيار موجب جديد رخن تي قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته بجلي جي پيداواري لاڳت جي لحاظ سان گهٽ لاڳت بجلي جي چونڊ ۽ پهچ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ??ي نظام کي لاڳو ڪرڻ تي جلد عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ اجلاس دوران وزيراعظم کي ملڪ ۾ مستقبل جي لاءِ بجلي جي پيداواري منصوبن، بجلي شعبي خاص طور تي پهچ نظام جي ??والي سان بريفنگ ڏني وئي. ان دوران بجلي جي نئين تجويز ڪيل منصوبن، جاري منصوبن جي ??عمير تي اڳڀرائي ۽ ملڪ ۾ بجلي جي ??عبي جي ??اري سڌارن تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته اجلاس کي بجلي جي موجوده طلب ۽ صلاحيت سميت درآمدي ٻارڻ سان هلندڙ بجلي گهرن جي ??حليل ۽ پهچ نظام جي ??ڌارن تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بجلي جي ??عبي جي ??ڌارن جي لاءِ سمورن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، سردار اويس احمد خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران بجلي جا اگهه وڌيڪ گهٽ ڪرڻ ۽ پيداواري منصوبن جي حوالي سان حڪمت عملي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں