لاهور-18 نومبر (اي پي پي) بابا گرونانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل سک ياتري ڪالهه حسن ابدال کان گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور نارووال پهچي ويا. ان موقعي تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان ياترين لاءِ ٽرانسپورٽ، رهائش، سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا. ڪرتارپور پهچڻ تي ڀارت مان آيل دهلي گردواره مئنجمينٽ ڪميٽيءَ جي پارٽي ليڊر هرجيت سنگهه بپا ڳالهائيند?? چيو ته ياترين لاءِ ڪيل بندوبست تعريف لائق آهي. پاڪ??تا?? پُرامن ملڪ آهي، پاڪ??تا??ي سک قوم سان دلي محبت ڪن ٿا، حڪومت ۽ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ اسان کي عزت ڏني ۽ پرخلوص انتظام ڪيا. سک عورت?? به انتظامن ت?? اطمينان جو اظهار ڪند?? چيو ته هتي تمام گهڻي عزت ۽ احترام مليو آهي. اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ترجمان موجب سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور ۾ هڪ ڏينهن قيام ڪندا، جتي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ طرفان مختلف تقريبن جو بندوبست ڪيو ويندو. طئي ٿيل شيڊول موجب ياتري 20 نومبر تي گردواره روهڙي صاحب ايمن آباد جي ياتري لاءِ لاهور پهچندا.
بابا گرونانڪ جي جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندڙ سک ياتري گردواره درٻار صاحب ڪرتارپور پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری